جتوئي عارف مصطفيٰ

جتوئي عارف مصطفيٰ: عارف مصطفيٰ خان جتوئي، اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جو فرزند آهي. هو 11 جولاءِ 1966ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو، آمريڪا ۾ تعليم حاصل ڪيائين. ايم. پي. اي (فنانس) ۽ انٽرنيشنل ڊولپمينٽ فنانس ۾ پي. ايڇ. ڊي ڪئي اٿائين. سندس خاص تجربو فنانس ۽ بئنڪنگ جي شعبن ۾ رهيو آهي. هو آمريڪا ۽ انگلـنـڊ ۾ انـهـن شـعبـن ۾ خـدمـتـون سرانجام ڏئي چڪو آهي، هو سـنڌي ۽ اردو زبان کانسواءِ انگريزي فريـنچ ٻولي به ڄاڻي ٿو. عارف مصطفيٰ جتوئي پنهنجي سياسي سفر جي شروعات 1997ع جي چونڊن کان ڪئي. 2002ع جي عام چونڊن ۾ تعلقي موري واري اباڻي تڪ تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر ٿيو ۽ سنڌ ڪابينا ۾ زراعت ۽ خوراڪ جو وزير بڻيو. 2008ع ۾ ساڳئي تڪ پي. ايس 19 نوشهروفيروز تان نيشنل پيپلز پارٽي جي پليٽفارم تان سنڌ اسيمبلي جو ميمبر چونڊيو ويو. سنڌ ۾ مختلف ادارن جهڙوڪ: سنڌ سيڊ ڪارپوريشن، سنڌ پراونشل سِيڊ ڪائونسل، سنڌ انويسٽمينٽ بورڊ، ايشين ڊولپمينٽ بئنڪ ۽ سنڌ ايگريڪلچرل سپلائيز آرگنائيزيشن جو چيئرمئن رهيو آهي. عارف مصطفيٰ جتوئي هن وقت سنڌ اسيمبليءَ جو متحرڪ ميمبر آهي. هن وقت هو صوبائي اسيمبلي جي ڪيترين ئي اسٽينڊنگ ڪاميٽين: پارلياماني معاملن، بورڊ آف روينيو، انڊسٽريز، منرل ڊولپمينٽ ۽ ڪامرس جو ميمبر آهي، ان کانسواءِ اسٽيڊنگ ڪاميٽي فار ايريگيشن اينڊ پاوَر جو چيئرمئن آهي، کيس سياست کانسواءِ اقتصاديات ۽ زراعت ۾ به خاص دلچسپي آهي. هن وقت ڪراچيءَ ۾ رهي ٿو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1966.07.11  عيسوي

جتوئي عارف مصطفيٰ: عارف مصطفيٰ خان جتوئي ، اڳوڻي نگران وزيراعظم رئيس غلام مصطفيٰ خان جتوئيءَ جو فرزند آهي . هو 11 جولاءِ 1966ع تي ڪراچيءَ ۾ پيدا ٿيو



شخصيتون - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

شاهه فيصل
جامي شيخ احمد جام
الهه بخش سگهڙ 1
سعيد احمد اعواڻ
سنت ماڌو داس
خليل بن بصري
سسئي
ڄام ڀرمل- I
تيمور لنگ
استاد بسم الله خان
شخصيتون ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون